پير ڌمڻ جو ميلو

پير ڌمڻ جو ميلو

پير ڌمڻ جو ميلو

پير ڌمڻ جو ميلو: ضلعي دادوءَ ۾، منڇر ڍنڍ ۾ پير ڌمڻ جي ماڳ تي هر سال سانوڻ جي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي، ڇو ته ان مند ۾ منڇر جو پاڻي چاڙهه ۾ هوندو آهي. هيءُ ماڳ قديم دور جي آثارن مان به هڪ آهي. ان موقعي تي ٻيڙيون، جدا جدا تڙن کان سينگارجي اينديون آهن. آسپاس مان باجرڪيءَ ۽ جهانگرڪيءَ جي واهين کان، توڙي ڪائي شاهه حسڻ، بوبڪ، ريل، بختيارپور- گرڪڻ، باٺڙي، ڪُور ۽ ٻين سڀني تڙن تان ٻيڙيون هن ميلي ۾ اينديون آهن. اڄڪلهه منڇر ۾ پاڻي گهٽ هئڻ سبب اها اچ وڃ جهڙوڪر ختم ٿي وئي آهي. هن سال (2010ع) جي مينهن ۽ ٻوڏن کانپوءِ شايد هي ميلو ٻيهر مچي پوي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو